بيد مشڪ جو وڻ

بيد مشڪ جو وڻ

بيد مشڪ

بيد مشڪ: هڪ قسم جو مشهور وڻ آهي، جيڪو شروع ۾ مياڻي ٻيلي ۾ پوکيو ويو هو. ڪامياب تجربن کان پوءِ هاڻي سڄيءَ سنڌ ۾ پوکيو وڃي ٿو. انگريزي ۾ Eucalyptus چوندا آهن. باٽني ۾ Eucalyptus globulus آهي. تڪڙي واڌ وارو هي وڻ جهجهو ڪاٺ ڏيندو آهي. اٽڪل 700 قسمن واري هن وڻ جو اصل ملڪ آسٽريليا ڄاڻايو ويو آهي. هي زمين مان جهجهو پاڻي ڇڪيندڙ وڻ آهي. ان ڪري اهو فصلن وارين زمينن کان پري پوکيو ويندو آهي.
بيد مشڪ جو ڪاٺ گهريلو توڙي آفيسن ۾ استعمال ٿيندڙ فرنيچر کان سواءِ ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال هيٺ اچي ٿو. هيءُ هڪ خوشنما وڻ آهي، جيڪو هر قسم جي زمين ۾ تمام آسانيءَ سان پوکي سگهجي ٿو. بيدمشڪ طبي لحاظ کان به ڪارائتو آهي. هن جي پنن مان نڪتل تيل بام ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو نزلي ۽ زڪام لاءِ تمام فائديمند آهي. حڪيمن چواڻي ته هن جي پنن کي مهٽي سنگهجي ته نزلي زڪام کان نجات حاصل ٿيندي. هيءُ وڻ خاص طور تي ڪلراٺيءَ زمين ۾ پوکيو ويندو آهي. ان ڪري جو هيءُ، زمين جو ڪلر ختم ڪري ٿو. هن وڻ جو قد ٻين وڻن جي ڀيٽ ۾ تمام ڊگهو ٿيندو آهي. تقريباً هيءُ 40 فوٽن کان به ڊگهو ٿيندو آهي ۽ بلڪل سڌو ويندو آهي. هن وڻ کي روڊن، رستن يا باغن جي ڪنارن سان پوکيو ويندو آهي. هڪ ته هيءُ سٺو، خوبصورتي پيدا ڪندڙ وڻ آهي ۽ ٻيو ته هن مان ڪاٺ به جهجهو ملي ٿو. هن جي ڪاٺ مان فروٽ بند ڪرڻ وارا کوکا ۽ ڪاٺ جا ورا يا داسا ٺهندا آهن. خاص طور تي ڇپراڻا گهر، هن جي ڪامن مان جڙندا آهن. ٻرڻ ۾ هن جو ڪاٺ ڪارائتو ناهي.


لفظ بيد مشڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو